پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختو??خو?? جي گ??رنر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وف??قي حڪومت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري رهندو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان ??با تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وف??قي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختو??خو?? جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئ??. ان موقعي تي خيبرپختو??خو?? جي چيف سيڪريٽري ڪورونا ??با جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختو??خو?? صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي ??با ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.