لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي جهڙي طرح ڪرونا وائرس ۽ ان سبب ??يدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان مشڪل مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسي??، قومون اهڙي قسم جي صورتحال مان سکند??ون آهن، جيڪا وبا آئي ڪو به ملڪ ان جي مقابلي لاءِ تيار نه هو، صحت جي شعبي، عملي عملي، پوليس، فوج، رينجرس ۽ عالم سڳورن سميت سمورن جون ان ڏس ۾ ڪوششون ساراهه جوڳ??ون آهن. يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس جي افتتاح جي موقع?? تي ڳالهائيندي صدر تحقيق جي شعبي ۾ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي نجي شعبي سان حصيداري کي ساراهيو.