اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پهرين ڏينهن چيو هو ته مولانا جي هڪ ??ي ايجنڊا آهي اسان کي به کيڏايو نه ته راند خت?? ڪريو، فضل الرحمان اقتدار جي محرومي جو بدلو پاڪستان ۽ قوم کان نه وٺي، پاڪستان جي عوام ۽ قومي سل??متي جي ادارن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، اسان جا ادارا اسان جو فخر، ملڪ جي دفاع ۽ سل??متي جا ضامن آهن، پنهنجي ڪڌن ذاتي سياسي ارادن کي تسڪين جي لاءِ انهن کي سياست ۾ ڌڪڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خصوصي معاون چ??و ته جٿن، ذاتي فوج ۽ جلسي ۾ طالبان جا جهنڊا لهرائي فضل الرحمان پاڪستان جي اڀرندڙ روشن تشخص کي ڇو داغدار ڪرڻ چاهي ٿو.