لنڊن-14 جون (اي پي پي) برطانيه جي ليبر پارٽي اعلان ڪيو آهي ته هو 4 جولاءِ تي ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي تي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ نئين عمل کي ا??تي وڌائڻ لاءِ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندي. هڪ خابرُو اداري (اردو نيوز) موجب موجب 4 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان ر??ءِ عام جي جائزن ۾ ليبر پارٽي پنهنجي مخالفن کان گهڻو ا??تي آهي. ليبر پارٽي جي منشور ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني رياست فلسطيني عوام جو فتح نه ٿيڻ جوڳو حق آهي. اسان هڪ نئين امن عمل ۾ حصو وجهڻ لاءِ فلسطين کي تسليم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جيڪو ٻه ريا??تي حل تي ٻڌل هجي جنهن ۾ محفوظ اسرائيل ۽ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست گڏوگڏ هجن. موجوده ڪنزرويٽو پارٽي جي حڪومت پهرين چيو هو ته هو امن عمل کان پهرين باضابطه طور تي فلسطين جي رياست کي تسليم ڪندي. حڪومت چيو هو ته اولهندي ڪناري ۽ غزه جي ??سل??ينين کي هڪ اعتبار جوڳي فلسطيني رياست ۽ نئين مستقبل جو سياسي ??نظر فراهم ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ آئر لينڊ، ناروي ۽ اسپين باضابطه طور تي ??سل??ي??ي جي رياست کي تسليم ڪيو هو.