اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي غيرقانوني قبضي ۽ شام ??ي بنيادي ڍانچي ۽ شهري ۽ فوجي ٺڪاڻن جي وڏي پئماني تي تباهي تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي اهو حملو عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسان شام جي خودمختياري ۽ لائقائي سالميت جي حمايت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ طاقت جي ذريعي اسرائيل جي قبضي کي رد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي قرارداد 497 جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي الحاق کي ”باطل ۽ عالمي قانوني اثر کانسواءِ“ قرار ڏي ٿو. هن چيو ته پرڏيهي آفيس ۽ شام ۽ لبنان ۾ اسان جا مشنز شام ۾ پ??ڪس??انين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سرگرم عمل آهن. ترجمان چيو ته اٽڪل 475 پ??ڪس??اني بشمول 250 زائرين شام جي سرحد عبور ڪ??ي لبنان پهچي چڪا آهن، انهن کي بيروت کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان شام ۾ ڦاٿل پ??ڪس??اني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ل??نان جي حڪومت پاران ڏني ويندڙ حمايت کي ساراهيون ٿا.