اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪو??ٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپريم ڪو??ٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪو??ٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. عدالت درخواست کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏيندي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي سپريم ڪو??ٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته ??وه??ن جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامينٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.