اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪولاچي، ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سار??هي??دي چيو آهي ته د??شت??ردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران ٻن خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ هڪ کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي سار??هي??. هن چيو ته د??شت??ردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، سيڪيورٽي فورسز جا قابل فخر آفيسر ۽ اهلڪار ڏينهن رات ملڪ کي دشمن عنصرن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ مصروف عمل آهن. هن چيو ته مون سميت پوري قوم د??شت??ردي جي ان جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.