اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي گڏيل قومن جي 10هين الائنس آف سولائزيشنز (يو اين اي او سي) گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي ن??ائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب يو اين اي او سي جي اعليٰ سطحي گروپ آف فرينڊز جي وزارتي ميٽنگ ۽ مذهبي جاين جي حفاظت تي عالمي ڪانفرنس ڪاسڪيس پرتگال ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ن??ائندگي ڪندڙ وفد ۾ پرتگال ۾ پاڪستان جو سفير خا??د اعجاز پڻ شامل هو. عمران احمد صديقي ان موقع?? تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسجدن تي ڄاڻي واڻي حملن، جيڪي اڪثر ڇوٽ ۽ رياستي اجازت سان ڪيا وڃن ٿا، ۾ خطرناڪ حد تائين اضاف?? تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن يو اين اي او س?? تي زور ڏنو ته اها تباهي جي خطري ۾ ورتل مسجدن ۽ ٻين اسلامي مذهبي ۽ ثقافتي ورثو رکندڙ جاين جي تحفظ کي ترجيح ڏي.