اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي ??ي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ب??وچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم اجلاس ۾ اي ??ي او ??ارٽر جي حوالي سا?? پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ اي ??ي او خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خطاب ۾ اي ??ي او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سا?? علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نائب وزيراعظم اي ??ي او ??لين انرجي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ اي ??ي او ملڪن جي وزيرن سا?? ملاقاتون ڪندو.