اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو ??هي ته هو فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطي?? جي هڪ آزاد رياست، جنه?? جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ??ه پاڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجي??ن ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطا??بو ڪري ٿو. ترجمان چيو ??ه اسان لبنا?? جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن متاثر ماڻه?? جي لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر ماڻه?? جي محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان متاثر علائق?? جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطا??بو ڪيو. ترجمان چيو ??ه اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.