ڪراچي-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊن ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي ڪاميابي تي شڪر جو اظهار ڪندي ان کي پارٽي تي عوام جي ڀرپور اعتماد ۽ حمايت ۽ جيالن جي محنتن جو ثمر قرار ڏنو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان ج??ري بيان موجب پ پ چيئرمين ننڍي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ??يل سمو??ن پارٽي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن ڏينهن رات محنت ڪري چونڊن ۾ ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ت??ر هليو آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا جيالا کٽي ويا. هن چيو ته ننڍي مڪاني چونڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت ۽ ورڇ جي سياست کي رد ڪري بنا فرق جي عوامي خدمت کي چونڊيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پ پ جي اميدوارن جي وڏي اڪثريت سان فتح به تاريخي اڳڀرائي آهي. بلاول ڀٽو زرد??ري پارٽي جي نَون چونڊيل مڪاني نمائندن کي مخاطب ٿيندي چيو ته کيس يقين آهي ته اوهان عوام جي اعتماد تي پورو لهندا. چونڊن ۾ ڪاميابي اوهان جي ڪُلهن تي وڏي ذميد??ري ۽ امتحان کڻي آئي آهي. اوهان کي محدود وسيلن ۽ ??ڏن مسئلن کي مُنهن ڏيڻو آهي، پر ان جو حل پارٽي ويزن ۽ اوهان جي محنت تي ٻَڌل آهي.