لاهور -02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سروڪئي، ڏکڻ وزيرستان ۾ خارجين خلاف ڪامياب آپريشن ۽ 4 خارجين کي جهنم ڀيڙو واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو ناسور ??لڪ مان ختم ڪرڻ تائين ان خلاف جنگ جاري رهندي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قو?? سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.