اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي ڏس ۾ پاڪ ڪوريا ڪلچرل گالا جو ??هتمام ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، وز??راعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان ۾ ڪوريا جي سفارتخاني ان ثقافتي ميلي جو ??هتمام ڪيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، وز??راعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وز??راعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز ۽ ڪوريا جو ??فير موجود هئا. ڪلچرل گالا دوران ٻنهي ملڪن جي فنڪارن پنهنجي فن جو ??اندار مظاهرو ڪيو. پاڪستاني فنڪارن بلال سعيد، نتاشا بيگ، عزير جسوال ۽ خماريان ميوزڪ بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ڪوريا پاران ڪڪي وانگ تيڪوانڊو ٽيم ۽ ٻين فنڪارن جي پرفارمنس ڪلچرل گالا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. حاضرين فنڪارن جي پرفارمنس مان ڀرپور محظوظ ٿيا ۽ دل کولي داد ڏني. ڪلچرل گالا ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.