اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ??رغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? خواهش جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عو??مي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ??رغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ جمهوريه ??رغزستان جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڪر??زستان پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ ڪر??زستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جمهوريه ??رغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، عو??مي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. زاپاروف اڪيل بيڪ پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف کي مبارڪباد ڏني ۽ گڏ ئي دوري تي آيل وفدن جي شاندار استقبال، بهترين انتظامن ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ڪر??زستان جي پاڪستان تعاون جاري رکڻ ج?? خواهش جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهبو.