اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2025ع دوران ملڪ جي ??جموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو جي اؤسر جي اڳڪٿي ڪندي چيو ??هي ته مالي سال 2024ع دوران پاڪستان جي ??عيشت ۾ بحالي آئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ بهتري اچڻ آهي، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪالهه ايشيئن ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي ??الي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ مطابق مالي سال 2024ع جيڪو 30 جون 2024ع تي ختم ٿيو، ان ۾ پاڪستان جي ??جموعي ملڪي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ??هي ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي وڌيڪ 2.8 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته م??انگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو ??هي. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته معاشي چئلينجن وچ ۾ پاڪستان لاءِ معاشي سڌارن ??ي پروگرام تي عمل پيرا رهڻ، ڪُلي معيشت جي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي ??سلسل بحاليءَ لاءِ انتهائي اهم هوندو. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻُڌايو ??ه پاڪستان جي ??عاشي ترقيءَ جا امڪان ان ڳالهه تي ڀاڙين ٿا ته م??ڪ ۾ اقتصادي سڌارن کي ڪنهن حد تائين مستقل مزاجي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ مالي ۽ پرڏيهي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ??ه پاڪستان کي عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ، سماجي خرچن جي تحفظ ۾ اضافي، رياستي ملڪيتي ادارن ??ي مالي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي ??يادت ۾ ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ??هي ته مالي سال 25ع ۾ معاشي ايڊجسٽمينٽ پروگرام جو لاڳو ڪرڻ معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ان سان معيشت کي وڌيڪ مستحڪم مائڪرو اڪنامڪ ماحول فراهم ٿي سگهندو، جڏهن ته نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر معاشي حالتن جي ضرورت پوندي، جن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ??اڻي تائين آسان پهچ شامل آهي، جنهن سان مينيوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبي کي به فائدو پهچندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ??هي ته مالي سال 24ع ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جاري مالي سال دوران پڻ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. مالي سال 24ع جي ??هرين ڇهه ماهي ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي پر بعد ۾ خاص طور تي چوٿين ٽه ماهي ۾ گهٽتائي آئي. اها گهٽتائي کاڌي پيتي جي ??يمتن ۾ گهٽتائي سبب ٿي، جنهن جو بنيادي سبب زرعي پيداوار ۾ اضافو هو. مالي سال 25ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ هئڻ جو امڪان آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ مناسب مالياتي پاليسي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ عالمي غذائي قيمتن جي ??ستحڪم اڳڪٿي ٻُڌائي پئي وڃي.