نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پاڪست??ني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن ??ان گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي، فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏني وئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي فلسطين جي صدر محمود عباس ??ان ملاقات ۽ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪست??ني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن ??ان گڏ ڌڙڪي ٿي، وقت اچي ويو آهي ته ا??ان سڀ متحد ٿي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪر??ون ٿا، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي، آزاد فلسطين کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏنيو ئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين فلسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي. عالمي فورمز ۽ عالمي برادري ??ان رابطن ۾ پاڪستان فلسطين جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ان موقعي ت?? صحافين ??ان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون پنهنجي ڀاءُ صدر محمود عباس ??ان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن فلسطين جي حڪومت ۽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن ??ان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران غزه ۾ اسرائيل جي ڏاڍ، نسل ڪشيءَ ۽ ظلم جاري آهي، پاڪستان اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران 41 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ نوجوان، ٻار ۽ بزرگ به شامل آهن. وزيراعظم چيو ته ڪيترائي شهر، ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالن تائين تباهه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسرائيلي قدم نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جا خوفناڪ مثال آهن جن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ا??ان سڀني کي متحد ٿي فوري طور تي ٻه مطالبا ڪرڻ گهرجن جن ۾ پهر??ون مطالبو غزه ۾ فوري جنگبندي جو هجڻ گهرجي ۽ آزاد فلسطيني رياست جو پڻ مطالبو ڪرڻو پوندو جنهن کانسواءِ هن خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال ڪجهه وقت جي لاءِ برقرار رهي ٿي ته ا??ان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان ??ان دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني ڀائرن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي جدوجهد، عزم ۽ قربان??ون رائيگان نه ويند??ون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ ايندو. ان موقعي ت?? صحافين ??ان ڳالهائيندي فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته پهرين ڏينهن کان پاڪستان فلسطين ??ان گڏ آهي ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 1948ع کان وٺي اڄ تائين پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ??ان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان سدائين فلسطيني عوام جي هر مڪن مدد ڪئي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي فورمز تي پڻ سدائين فلسطين ??ان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ پاڪستان فلسطين جي موقف جي پرزور تائيد ڪري ٿو.