اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وزارت قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو آهي ته ٽيلي ميٽري سسٽم نه هئڻ سبب صوبن وچ ۾ پا??يء?? جي معاملن تي خدشا ڏٺا وڃ?? ٿا، حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو هر صوبي جي پاڻي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شرميلا فاروقي جي سوال جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي نيڪال ۾ واڌ ٿي ره?? آهي. موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هاڻ ملڪ ۾ هيٽ ويو نظر نه اچي ره??و آهي، صرف گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ته پهرين اپريل تائين 19 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون ڪوٽ??يء?? تائين وڃي چڪو آهي. پنجاب ۾ واٽر ايڪٽ 2019ع منظور ڪيو ويو آهي، ان تحت واٽر اٿارٽي بڻجي چڪي آهي. ڪي پي ڪي واٽر ايڪٽ 2020ع بڻجي چڪو آهي، اتي اٿارٽيز بڻجي ره??ون آهن. بلوچستان ۾ 1973ع جو عمل لاڳو آهي، ان تحت زمين وارو پاڻي ڪنٽرول ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اڃا تائين ان حوالي سان ڪو قانون منظور نه ٿي سگهيو. اسان ڪوشش ڪري ره??ا آهيون ته سنڌ ۾ به قانونسازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان وٽ زمين واري پاڻي جي حوالي سان صورتحال بهتر ناهي. صوبن سان گڏجي زمين واري پا??يء?? جي حوالي سان مسئلا حل ڪري ره??ا آهيون. نواب محمد يوسف ٽالپر ۽ خورشيد احمد جوڻيجو جي ضمني سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سنڌ جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ ئي ڊيمون ٺهنديون. سنڌ کي پا??يء?? جو پورو حاصل ملي ره??و آهي. اتي ٽيلي ميٽري سسٽم ناهي لڳل. ان لاءِ صوبن وچ ۾ ان حوالي سان خدشا ڏٺا وڃ?? ٿا. ٽيلي ميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي جيڪو هر صوبي جي حدن جي شروعات ۾ لڳايو ويندو.