اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان پ??پلزپارٽي پارليامينٽرينز جو چي??رمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو صوبائي وزير سردار محمد بخش ??ان مهر ??ڻ موجود هئا. ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ سنڌ جي سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.