اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليس?? ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آج??ان ڪندي چيو آهي ته پاليس?? ريٽ ۾ گهٽتائي ملڪ?? معيشت جي لاء?? خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاليس?? ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستان?? معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي واڌ جي شرح ۾ تيزي سان ٿيندڙ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاه?? ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.