اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ت?? پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين پاران ??يفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي، فيض حميد ڪيس کي فوج جو انٽرنل معاملو نه قرار ڏئي هن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ت?? فيض حميد واقعي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو اثاثو هو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي مسلسل ڪوشش آهي ت?? هو پنهنجي بيانن سان ??يض حميد ڪيس کي تڪراري بڻائي. هن چيو ته اڄ فيض حميد جي دفاع ۾ بيان ڏيندڙ باني چيئرمين پي ٽي آءِ 190 ملين پائونڊ جي ڪيس جو جواب ڏي. وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي اهڙن بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو شديد پريشاني ۽ ٻڏتر جو ??ڪا?? آهي، هن فيض حميد ڪيس کي فوج جو انٽرنل معاملو نه قرار ڏئي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ت?? فيض حميد واقعي ئي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو اثاثو هو. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ، فيض حميد کي ڪڏهن اثاثو، ڪڏهن هيرو ۽ ڪڏهن زيرو چوي ٿو جنهن مان ??ڳي ٿو ته هو ذهني طور تي ڪافي پريشاني جو ??ڪا?? آهي. هن چيو ته فيض حميد ڪيس ۾ به اهو ئي پتو پوي ٿو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جو ماڻهن کي ??ست??مال ڪري اڇلائڻ ۾ ڪو به ثاني نه آهي، پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي محسن ڪشيءَ ۾ مهارت حاصل آهي.