ڪوئيٽا – 13 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قو??ي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق جشن آزادي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويا آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال جو استقبال وڏي وزير مير سرف??از بگٽي، بلوچستان ??ي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان ??سيمبلي جي اسپيڪر عب??الخالق اچڪزئي، قو??ي اسيمبلي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ، صوبائي وزيرن بخت محمد ڪاڪڙ، راحيلا حميد دراني، حاجي علي مدد جتڪ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ 14 آگسٽ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ گورنر، وڏي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان ??ي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.