اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) جي تعاون سان ??نفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان ??ي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪوئيز شو منعقد ڪيو. اها تقريب انهن سرگرمين جي شروعات آهي جنهن جو منصوبو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هن ??ال آزادي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ تيار ڪيو آهي. تقريب جو خاص مهمان ??نفارميشن سروس اڪيڊمي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل محمد ارشد منير هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر آفيسرن، انفارميشن سروس اڪيڊمي فيڪلٽي، عملي، استادن، شاگردن ۽ وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي. آزادي جي ڏهاڙي ڪوئيز شو ۾ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ اسلام آباد ماڊل ڪاليجز جي انٽرميڊيئٽ سطح جا 12 شاگرد شامل هئا. ٽن ڇوڪرين ۽ ٽن ڇوڪرن جي ٽيم تي ٻڌل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي 6 ٽيمن ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شرڪت ڪئي جن مان ٽن ٽيمن فائنل رائونڊ جي لاءِ ڪواليفائي ڪيو. دلچسپي مقابلي کانپوءِ عورت واري اسلام آباد ماڊل ڪاليج (پوسٽ گريجوئيٽ) ايف 10/2 پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ کي ٽرافيون، روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. خاص مهمان ??اگردن ۾ ايوارڊز ورهايا. ان مو??عي تي ڳالهئايندي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل محمد ارشد منير ان ??لچسپ ۽ پرجوش ڪوئيز شو منعقد ڪرڻ تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني. هن خاص طور تي تحريڪ پاڪستان ??ي تاريخ جي حوالي سان ??اگردن جي بي پناهه معلومات کي ساراهيو. هن چيو ته مو?? کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان ??و نئون نسل پاڪستان قائم ٿيڻ جي لاءِ اسان ??ي بزرگن ۽ قائدين جي جدوجهد کي ياد رکيو آهي. هن چيو ته نئون نسل اسان ??ي مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن جو علم، مهارت ۽ تجربو هن قوم جي تقدير سنواريندو. هن آزادي جي ڏهاڙي کي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته هڪ زنده?? قوم سدائين انهن اڳواڻن جي قربانين کي ياد رکندي آهي جن پنهنجي ملڪ جي جوڙجڪ ۾ حصو ورتو. ان مو??عي تي خاص مهمان ??اگردن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب جي آخر ۾ خاص مهمان ??ان ڪوئيز شو ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين انفارميشن سروس اڪيڊمي جي فيڪلٽي گروپ فوٽو ڪڍرايو. انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ارشد منير ڪوئيز شو ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي تعاون کي ساراهيو جنهن جي ذريعي ان پروگ??ام جو انعقاد ممڪن ٿيو. هن خاص طور تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي جا ٿورا مڃيا جن مختصر وقت ۾ ان ??اندار پروگ??ام منعقد ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي.