اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته نوجوانن کي روزگار جي فراهمي، مهانگ??ئي جو خاتمو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ حڪومت جون ترجيحون آهن، حڪومتي قدمن سان مهانگ??ئي 38 ??يڪ??و کان گهٽجي 12 ??يڪ??و تي اچي وئي آهي، معاشي ترقي جي شرح 2.4 ??يڪ??و تائين پهچي وئي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ملڪ جي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي آهي، زرعي شعبي ۾ ترقي جي شرح 6.3 ??يڪ??و، ٽيڪس وصولي ۾ 30 ??يڪ??و ۽ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 ??يڪ??و اضافو ٿيو آهي. حڪومت خرچن م گهٽت??ئي ۽ آمدني ۾ اضافو ڪيو آهي، 86 ??يڪ??و گهريلو بجلي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏن?? پئي وڃي، تن??يدي براءِ تن??يد ۽ نفرت جي سياست ملڪي مفاد ۾ ناهي. پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي رهندي، پي ڊبليو ڊي جي بندش جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ان کان پوئتي نه هٽندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اونداهي ۽ غربت ۾ زندگي بسر ڪري سگهجي ٿي، نااميدي ۾ نه. ملڪ جي هر ماڻهو تي واجب آهي ته هو اميد جو پيغام کڻي اڳيان وڌي، روزگار جي فراهمي، مهانگ??ئي جو خاتمو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ، وزيراعظم جون ترجيحون آهن، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ترقي ٿيندي ته نوان ڪاروبار هلندا، زراعت ترقي ڪندي ته روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اڄ اسان جي ترقي جي شرح جيڪا گذريل دور ۾ مائينس ٿي وئي هئي، هاڻي 24 ??يڪ??و تائين پهچي وئي آهي، زرعي شعبي ۾ گذريل 19 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي جي شرح 6.3 ??يڪ??و رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح صنعتي شعبي ۾ ترقي جي شرح ٽين ٽه ماهي ۾ 3.8 ??يڪ??و رهي آهي. هن چيو ته ٽريڪٽرز جي پيداوار ۽ وڪري ۾ 45 ??يڪ??و اضافو ٿيو آهي، هارين کي فراهم ڪيل قرضن ۾ 26 ??يڪ??و اضافو ٿيو آهي ۽ انهن کي 9400 ارب رپين جو قرض ڏن?? ويو آهي، جنهن سان هو ڀاڻ ۽ ٻيون ضروري شيون خريد ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل سال انهي عرصي ۾ مهانگ??ئي جي شرح 38 ??يڪ??و تائين وڌي وئي هئي، هاڻي اها گهٽجي 12.5 ??يڪ??و تي اچي وئي آهي. کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽت??ئي ٿي آهي ۽ ان ۾ مهانگ??ئي جي شرح 2 ??يڪ??و تي اچي وئي آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت ڪمز??ر طبقن لاءِ 600 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ترقياتي منصوبن لاءِ 1200 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ گهٽ ترقي وارن علائقن تي وڌيڪ توجهه ڏن?? پئي وڃي. زرعي ترقي لاءِ هارين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، جتي روڊ ويندو اتي ترقي ٿيندي، ترقياتي منصوبا غريب ماڻهن لاءِ زندگي آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب 2013ع جي حڪومتي پاليسين تي تن??يد ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هي ان وقت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ وزير هو، جيڪڏهن ان کي ان سان اختلاف هو ته ان وقت حڪومت ۾ ڇو رهيو، اڄ ان کي ڪيپيسٽي پيمنٽ جي ياد اچي ٿي، جڏهن اختيار هو ته ان وقت هن ڇو نه مخالفت ڪئي؟ تن??يد جو مقصد صرف ۽ صرف فساد ڦهلائڻ آهي. هن چيو ته 86 ??يڪ??و گهريلو صارفين 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا ۽ وزيراعظم 50 ارب رپيا ترقياتي منصوبن مان ڪڍي انهن کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن کي ايندڙ مهيني کان رليف ملڻ شروع ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم مختلف ڪميٽيون جوڙيون آهن جن جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ انهن مسئلن جو حل نڪرندو. هن چيو ته تن??يد براءِ تن??يد ۽ نفرت جي سياست ملڪ ۾ مفاد ۾ ناهي، اسٽاڪ مارڪيٽ 78 هزار پوائنٽس مٿي هلي وئي آهي ۽ ڪجهه مهينن ۾ 70 ??يڪ??و اضافو ٿيو آهي، ان سان سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿئي ٿي، پاليسي ريٽ ۾ ترتيبوار گهٽت??ئي اچي رهي آهي، مهانگ??ئي جي شرح ۾ گهٽت??ئي آئي ته قرضن تي وياج جي شرح ۾ به گهٽت??ئي ايندي جنهن سان نوجوان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهندا. روانگي واپار ۾ 3 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا به وڌي رهيا آهن. حڪومت پنهنجي خرچن ۾ گهٽت??ئي ڪئي آهي ۽ آمدني ۾ اضافو ڪيو آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ به 30 ??يڪ??و اضافو ٿيو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي درجه بندي کي بهتر بڻايو آهي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ به اضافي جو رجحان آهي. سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 ??يڪ??و جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. بنيادي مسئلو اهو آهي، ته ڪجهه ماڻهن سوچي ورتو آهي ته مسئلن کي حل ٿيڻ ناهي ڏيڻو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پئسا ڏئي پاڪستان خلاف پروپئگنڊه لاءِ لابسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته مهانگ??ئي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان آهي ته اسان سڀئي آهيون، پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ واڪ اچي چڪا آهن، اها نجڪاري ٿي رهندي، پي ڊبليو ڊي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهن جي سڀني کي خبر آهي. ان کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اهو حتمي فيصلو آهي، جنهن سان حڪومت پوئتي نه هٽندي، هي ادارو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل هو، ان جي جاءِ تي ترقياتي منصوبن لاءِ بهتر طريقيڪار سامهون اندو ويندو، ڪيتر??ئي اهڙا ادارا ۽ وزارتون جن جي ضرورت ناهي، انهن جي ري اسٽرڪچرنگ تي به غور ڪيو پيو وڃي.