اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزي??، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به چئلينج درپيش ناهي، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي واضح اڪثريت موجود آهي، ظاهر ۾ عدلت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران انهن کي ٻيهر لکيو آهي، ان فيصلي جي ڪري ڪيترائي قانوني ۽ آئيني مونجهارا پيدا ٿيا آهن، پي ٽي آءِ کي اهو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه، وفاقي ڪابينا جي فيصلي ۽ متاثر سياسي پارٽين جي مشاو??ت جي روشني ۾ نظرثاني اپيل بابت فيصلو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير چي?? ته فيصلي سان ڪيترائي قانوني ۽ آئيني جهولن ۽ سوالن جنم ورتو آهي، آرٽيڪل 51 تحت ٽن ڏين??ن جي شرط جو ڇا ٿيندو؟ تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن جو موقف ه?? ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن، ظاهر ۾ عدالت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران ان کي ٻيهر لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چي?? ته مخصوص سيٽن بابت قانون موجود آهي، سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي وڃي سگهن ٿيون، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ته ڌر ئي نه هئي، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن کٽڻ کانپوءِ ڪنهن فورم سان رابطو ئي نه ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل غير مسلم کي پنهنجو ميمبر تسليم نٿي ڪري تنهن ڪري ان جي منشور موجب کين اقليتي سيٽون نه ملڻ گهرجن. اعظم نذير تارڙ چي?? ته تحريڪ انصاف ڪڏهن نه چي?? ته سندس پارٽي کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن. ان عدالتي فيصلي جي دائري اختيار جو ڪو به مثال نٿو ملي، ان فيصلي جي ڪري ڪيترائي جهول پيدا ٿيا آهن، ظاهر آهي ته ان تي آئيني ۽ قانوني ماهرن جي راءِ سامهون ايندي رهندي. تفصيلي فيصلو اچڻ تائين وڌيڪ راءِ ڏيڻ ممڪن ناهي. هن چي?? ته نظرثاني اپيل بابت آئون ذاتي طور تي راءِ نٿو ڏئي سگهان، هي معاملو وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، ان جي فيصلي کانسواءِ نٿو چئي سگهان ته نظرثاني اپيل داخل ڪئي ويندي. وفاقي وزير چي?? ته بهترين عدالتي فيصلا اهي ئي هوندا آ??ن جن تي چپ نه چرن، عدالتي فيصلي سبب جهول ۽ سوال جنم ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ان آئيني معاملي کي سياست سان نه جوڙيندس، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي اڪثريت موجود آهي، بجيٽ اجلاس ۾ به حڪومتي بينچن ۾ ميمبرن جي اڪثريت هئي. قانوني ڪارروائي بابت سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته سياسي پارٽين جي مشاورت سان نظرثاني اپيل ۽ قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو. سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي مجلس عامه ۾ ويهي به ان معاملي کي ڏسنديون. هن چي?? ته پي ٽي آءِ کي اهو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه.