آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن واپار ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪا به جاگرافيائي سياسي تبديلي اسان جي لاڳاپن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، اسان کي م??تقبل ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ شنگهائي تعاون تعاون (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن، توانائي جي شعبي، اهم علائقائي ۽ عالمي م??املن تي خصوصي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جو احاطو ڪندي وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان ??اڪستان جي لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ انهن لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهي. وزيراعظم واپار، توانائي، دفاع ۽ سلامتي سميت گڏيل لاڀ جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي تعاون جو ايندڙ اجلاس جلد ماسڪو ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم روسي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم صدر پيوٽن کي ٻيهر روس جو صدر چونڊجڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ روس وڌيڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم چ??و ته توهان سان ??لاقات ڪري سٺو لڳو آهي. هن چ??و ته پاڪستان جا روس سان گڏيل لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ روس وڏي عرصي کان دوست ملڪ آهن، اسان کي م??تقبل ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڪستان جا روس سان ??راڻا ۽ ڪاروباري لاڳاپا آهن. هن چ??و ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، آئون توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان ته جيئن انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم چ??و ته اسان توهان جي تجربن مان ??اڀ پرائي سگهون ٿا ۽ گڏيل واپار کي فروغ ڏئي سگهون ٿا جيڪو هن وقت هڪ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. وزيراعظم چ??و ته منهنجي درخواست تي توهان ??اڪستان سان توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو هو، روس کان تيل جي سپلائي اسان کي موصول ٿي آهي اسان ان کي وڌيڪ وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چ??و ته اسان جا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهن ۽ ڪا جاگرافيائي سياسي تبديلي انهن لاڳاپن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ٻين ملڪن سان ??اڳاپا اسان جي لاڳاپن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان جا روس سان ??راڻا ڪاروباري رابطا آهن، اسان کي م??تقبل ۾ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻو پوندو. وزيراعظم چ??و ته گذريل ملاقات ۾ به مون توهان سان ذڪر ڪيو هو ته 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ اسان بارٽر سسٽم تحت واپار جي شروعات ڪئي هئي ۽ اسان اڳوڻي سوويت يونين کان ??شينري ۽ ٻيون مصنوعات برآمد ڪندا هئاسين ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي م??نوعات درآمد ڪندا رهيا آهيون، اسان کي م??لياتي ۽ ٻيا بئنڪاري م??ئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، روس سان بارٽر سسٽم تحت واپار کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون جيڪو پاڪستان جي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ ان سان اسان ڪيترن ئي ٻين مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم چ??و ته پنهنجي ۽ پاڪستاني قوم پاران آگاهه ڪرڻ چاهيان ??و ته اسان روس سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. ان ??وقعي تي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چ??و ته توهان سان ??يهر ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻه سال اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ مليا هئاسين، اسان ??طرفن معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي ??ال??ه ٻولهه ڪئي هئي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي ڪري ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. روس جي صدر چ??و ته توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان ??نهنجي تعاون کي وڌائي سگهون ٿا، غذائي تحفظ جي شعبي ۾ به پاڪستان سان تعاون وڌائينداسين.