اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد ??هباز شريف ملڪ ۾ تعليم جي ??روغ جي ??اءِ تعيلمي ايمرجنسي جو اعلان ۽ اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 60 لک ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته تعليم کانسواءِ ڪا قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، پاڪستاني قوم عزم ۽ حوصلي سان ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ملڪ ۾ تعليم جي شعبي جي ??اڻ نگراني ڪندس، اسان هڪ ٿي هلون ته پاڪستان هر شعبي ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليم جي شعبي بابت قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??را??طم چيو ته هي هڪ انتهائي اهم ڪانفرنس آهي، تعليم کانسواءِ ڪا قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي، برطانيا جو پاڪستان ۾ تعليم، فني ۽ پيشيواراڻي تعليم جي ??روغ جي ??اءِ تعاون ساراهه جوڳو آهي، باباءِ قوم جو پڻ فرمان آهي ته تعليم اسان جي ??اءِ زندگي ۽ موت جو معاملو آهي، ڪنهن به قوم جي ترقي تعليم سان واڳيل آهي، ٻارن ۾ غذائي کوٽ هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ??لڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻار ۽ ٻارڙيون اسڪول کان ٻاهر آهن، تعليم جي ??روغ جي ??اءِ مالي وسيلن جي ??راهمي سڀ کان وڏو مسئلو آهي پر جڏهن عزم پختو هجي ته چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ??و، پاڪستن چئلينجز تي ضابطو آڻي ئي ائٽمي قوت بڻيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ??اءِ وسيلا فراهم ڪيا ويا، دهشتگردي جي خلاف جنگ نه رڳو پاڪستان جي اندر پر دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اءِ شروع ڪئي وئي، هي اهي مثال آهن جن سان اسان کي اڳتي وڌن جو حوصلو ملي ٿو ته جڏهن توهان جو عزم مضبوط هجي ته توهان مشڪلاتن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃو ٿا، پاڪستاني قوم پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته جڏهن آئون پنجاب جو وڏو وزير هيس ته اسان 2008ع کان 2018ع تائين اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي بلند ترين شرح کي يقيني بڻايو، ڏکڻ پنجاب ۾ شاگردن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي ??اءِ تعليم زيور پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن تحت ٻارن جي ??اءِ تعليمي وظيفن ۽ يونيفارم جي ??راهمي جو بندوبست ڪيو ويو، ان پروگرام جي ڪري 90 هزار شاگردن کي اسڪولن ۾ داخل ڪيو ويو، ٻارن کان مشقت ڪرائيندڙ والدين کي امداد فراهم ڪئي وئي، پنجاب ۾ برطانوي حڪومت جي تعاون سان پنجاب ٽيڪنيڪل ووڪيشنل ڪمپني قائم ڪئي وئي جنهن جي شروعات ڏکڻ پنجاب کان ڪرڻ کانپوءِ ان جو دائرو پوري صوبي ۾ ڦهلايو ويو جتان هزارين نوجوانن کي فني ۽ پيشيواراڻي تعليم جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي، ان کانسواءِ اهڙن سرڪاري اسڪولن جتي تعليمي معيار ٺيڪ نه هو انهن ۾ تعليم جي ??عيار جي بهتري لاءِ قدم کنيا ويا، 2008ع ۾ پنجاب انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو ۽ اهو خطي ۾ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو سڀ کان وڏو پروگرام هو ۽ ان فنڊ جي ذريعي انهن لکين ٻارن کي وظيفا ڏنا ويا جن جي ??الدين وٽ انهن کي تعليم ڏيارڻ جي ??اءِ سگهه نه هئي، اسان هر سال ان فنڊ جي ??اءِ 2 ارب رپيا رکيا، مجموعي طور تي ان فنڊ جي ذريعي 4 لک 50 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ تعليم جي ??اءِ وظيفا ڏنا ويا، ان کانسواءِ ٻين صوبن جي شاگردن کي پڻ ان فنڊ مان وظيفن جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ويو، 2008ع کان 2018ع جي ??چ ۾ اسان پنجاب ۾ تعليم جي شعبي جي ترقي جي ??اءِ وڏي پئماني تي قدم کنيا، ان سان گڏوگڏ دانش اسڪولن ۾ غريب شاگردن کي اعليٰ معيار جي تعليم جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ويو. وز??را??ظم چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جي ??راهمي جو چئلينج مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي، آئون ملڪ ۾ تعليم جي شعبي جي ??اڻ نگراني ڪندس ۽ اهي 2 ڪروڙ 60 لک ٻار جيڪي اسڪول کان ٻاهر آهن تمام جلد اسڪولن ۾ هوندا، جهڙي طريقي سان اسان پنجاب ۾ تعليم جي ??روغ جي ??اءِ قدم کنيا اهڙن ئي قدمن کي پوري ملڪ ۾ يقيني بڻايو ويندو، ان جي ??اءِ سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪريان ٿو، آئون چئني صوبائي وڏن وزيرن سان پڻ ملندس، تعليم اسان جي ??ارن ۽ مستقبل جو معاملو آهي، تعليم کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو مقصد حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، تعليم ڪردارسازي کانسواءِ زراعت، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، پاڪستان جو معاشرو جلد تعليم يافته معاشرو بڻجندو، اسان هڪ ٿي هلندا رهياسين ته پاڪستان هر شعبي ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته تعليم جو شعبو فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ايتري وڏي انگ ۾ ٻارن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ يونيسيف جي ??مائندي عبدالله اي فاضل چيو ته وز??را??ظم پاران تعليم جي اهم شعبي تي ڌيان ڏيڻ اطمينان جوڳو آهي. جي ڊي پي ۾ تعليم جو حصو انتهائي گهٽ آهي. تعليم جي شعبي ۾ وڌ کان وڌي سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ برطانيا جي ??اءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته پاڪستان ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم جي ??راهمي اسان جي گڏيل ذميواري آهي. خوشي آهي ته وز??را??ظم محمد ??هباز شريف جي ??يادت ۾ تعليم جي شعبي کي ترجيح ڏني پئي وڃي. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو انگ ڳڻتي جوڳو آهي. عالمي بئنڪ جي ??ائب صدر مارٽن ريزر چيو ته غذائيت جي کوٽ جو شڪار ٻار پنهنجي تعليم تي ڌيان نه ٿا ڏئي سگهن، تعليم جي ??روغ ۽ ان شعبي ۾ سڌارن جي ??روگرام جي عالمي بئنڪ حمايت ڪري ٿي، ٻارن ۽ خاص طور تي ڇوڪرين کي محفوظ تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عالمي بئنڪ تعليم جي شعبي ۾ پنهنجو تعاون جاري رکندي.