اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط حص??داري قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي ??رڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿي. سعودي ??رڏ??هي وزير ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سعودي وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت ??ار?? سعودي وزير، صنعت ۽ معدني وسيلن ??ار?? سعودي وزير، سيڙپڪاري ??ار?? خصوصي وزير، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه ۽ توانائي ??ار?? وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا اعليٰ عملدار شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ??رڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ ??ار?? وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن ??ار?? وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار ??ار?? وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ??رڏ??هي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان موجوده لاڳاپن کي ڊگهي مدي ??ار?? تزويراتي ۽ اقتصادي حص??داري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جو انتهائي احترام ڪري ٿي ۽ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندي. صدر چيو ته اسلامي دنيا جي خوشحالي سعودي عرب جي ترقي سان واڳيل آهي. هن سعودي ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دُورانديش قيادت ۽ ويزن 2030ع تحت ٿيندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو. ان موقعي تي سعودي ??رڏ??هي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان سان مضبوط حص??داري جي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آيا آهن. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. هن سعودي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي حرڪيات ۽ وچ اوڀر جي تا??ي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پاران ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.