اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پاڪستان جي صدر جو عهدو س??ڀا??ڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي صدر کي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين بابت ٻڌايو ته هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي ??لا??يت رکي ٿي. صدر قومي سرحدن جي دفاع، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهي. صدر چيو ته پورو اعتماد آهي ته سيڪيورٽي فورسز اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺندي. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت کي ق??م جي تعاون سان پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.