اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت ع??لي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي شعبي ج?? ترقي لاءِ عالمي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽي??نا??اجي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عالمي شهرت يافته م??هرن شرڪت ڪئي ۽ تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ?? ترقي ۾ انفارميشن ٽي??نا??اجي جو اهم ڪردار آهي، انفارميشن ٽي??نا??اجي جي شعبي ۾ ملڪي معيشت ج?? ترقي جي موجوده وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته ٽي??نا??اجي جي لاڳو ٿيڻ سان معيشت جي هر شعبي ۾ جدت کڻي اينداسين، نوجوانن کي انفارميشن ٽي??نا??اجي جي شعبي ۾ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ علم ۽ هنر جي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽي??نا??اجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت ع??لي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين پهچ ۾ اضافو، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻ?? تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت ع??لي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد جهانزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود خان، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.