راولپنڊي-08 م??رچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عا??م منير چيو آهي ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي، بلوچستان جو بهادر عوام هر ڏکي وقت ۾ ثابت قدم رهيو آهي. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عا??م منير بلوچستان جي آواران ضلعي جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊر بلوچستان آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ ان کي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آرمي چيف جنرل سيد عا??م منير پنهنجي دوري دوران شهيدن جي وارثن، مقامي اڳواڻن ۽ آبادگارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف کي پاڪ فوج جي سماجي ۽ اقتصاد?? ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل سيد عا??م منير ان موقعي تي اڳواڻن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي زراعت جي اهميت ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف شهيدن جي قربانين کي زبردست خراج ت??سي?? پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته آبادگارن کي زرعي سهولتون، آسان شرطن تي قرض، ٻج، ڀاڻ ف??اهم ڪيو ويندو. جڏهن ته سولر ٽيوب ويل ۽ زرعي ماهرن جون خدمتون پڻ ف??اهم ڪيون وينديون. آبادگارن کي ملڪ?? ترقي ۾ شراڪتدار بڻائڻ ۽ آبادگاري لاءِ پڻ رهنمائي ڏني ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي. فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. پاڪ فوج بلوچستان ۾ سول انتظاميه سان گڏج?? ترقي ۽ امداد جو عمل جاري رکندي. آرمي چيف بلوچستان جي عوام لاءِ هڪ ٻيو ڪيڊٽ ڪاليج بڻائڻ واري عمل جي پڻ تعريف ڪئي. آرمي چيف جنرل سيد عا??م منير ڪيڊٽ ڪاليج آواران جو افتتاح ڪيو ۽ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سان پڻ مليو، آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج لاڳاپيل ادارن سان گڏجي بلوچستان ۾ رليف ۽ تعميري سرگرمين کي جاري رکندي.