اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ سياسي ڊائيلاگ جو نائون دور ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائ??س سجاد قاضي ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ايزيڪ مورا ڪئي. ترجمان چيو ته هنن يورپي يونين جي فليگ شپ پروگرامز ??لو??ل گيٽ وي اسٽريٽجي ۽ هورائزن يورپ تحت نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻطرفن ل??ڳا??ن جي سمورنر خن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان، واپار ۽ ترقياتي تعاون، سلامتي، موسمياتي تبديلي کانسواءِ مائيگريشن ۽ موبلٽي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تيزي سان بد??جندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي جي وچ ۾ ويجهي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ??نو.