اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??يو آه?? ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صو??ن تائين وڌايو ??ڃي?? ان جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ داشمندي هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوٽيڪ جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيوٽيڪ جي چيئرپرسن گل مينه بلال احمد کان علاوه تعليم واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير ??يو ته بحيثيت وزير طور سندس نيوٽيڪ جو ٻيو اجلاس هو. هن ڪميٽيءَ جي اهميت تي روشني وڌي ۽ ايندڙ حڪومت تي زور ڀريو ته اها به ان کي اهميت ڏي. هن ??يو ته گذريل اجلاس ۾ هن عورتن جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪئي جنهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي ۽ اڄ هن چيئرپرسن کي هدايت ڪئي آه?? ته نيوٽيڪ جي سمورن پروگرامن ۾ معذور ۽ کدڙن فقيرن جي ڪوٽا به وڌائي وڃي. هن ??يو ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صو??ن تائين وڌايو ??ڃي?? نيوٽيڪ جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ دانشمندي آهي. مدد علي سنڌي سيڪريٽري تعليم پنجاب ۽ سنڌ جي غير حاضريءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.