اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان ??هچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ??يس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ مت??اد?? ويب سائٽ به تيار ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ آءِ ٽي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌايو ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اندر جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ??يس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي جنهن سان ??يڊيا کي 855 تڪن جا نتيجا بنا رڪاوٽ ۽ ??ور?? جاري ڪري سگهبا. هن ٻُڌايو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ذريعي چونڊ نتيجن جي وصولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي نتيجن جي پهچ کي ??قي??ي بنائڻ لاءِ مت??اد?? ويب سائٽ به ٺاهي آهي. هن ٻُڌايو ته اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪندو، اهو سسٽم اهڙن علائقن جتي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا آهن اتي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان ??تيجا فوٽو ذريعا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 لاءِ آر او کي موڪليو ويندو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ته اتي نتيجن جي پهچ آف لائن ماڊيولز ذريعي ٿيندي. سمورن تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي لاڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اهي نتيجا فار?? 47 ??ي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آفيس جي ٻاهران ??تيجا شيئر ڪرڻ لاءِ ميڊيا وال به بڻائي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اليڪشن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جتي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نتيجا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.