اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪ??ڻ جي حوالي سان سموريُون اڳڪٿيُون ۽ افواهه دم ٽوڙي چڪا آهن، 8 فيبروري 2024ع جي صبح 8 وڳي پولنگ اسٽيشنز کلنديون ۽ پاڪستان جو عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي اهتمام هيٺ سڌاراجاتي منشور جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جي حلف کڻڻ کانپوءِ مسلسل اهو ئ?? چئي رهيا آهيون ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، چونڊون وقت سر منعقد ڪ??ڻ جي حوالي سان ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊون منعقد ڪ??ڻ جي حوالي سان ??يڊيا جي ذميواري اڳ کان ??ڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ميڊيا کي ان ڏس ۾ ذميواراڻي رپورٽنگ ڪرڻي پوندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته ملڪ کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، ٽيڪس سڌارن، صحت، تعليم ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙا مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آهن، زراعت م??ڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو آهي پر ان شعبي کان ??يڪس جي وصولي تمام گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 140 ۽ 140 اي تحت مقامي حڪومتون مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختياري هونديون، 18 هين ترميم تحت صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا پر اهي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو اصل ڪم قانونسازي ۽ م??ڪ جي مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، دعوائن ۽ واعدن جي تڪميل سياسي پارٽين جو ڪم آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين جي اندر جمهوري روين جي ضرورت آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ عدالتي فيصلي سان ??ڪ مثال قائم ٿيو آهي ته پارٽين جي اندر چونڊون ۽ جمهوري رويو هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي اندر جمهوريت نه هجي ته اها ڪهڙي طرح ملڪ ۾ جمهوريت جي دعويدار ٿي س??هي ٿي؟ نگران ??فاقي وزير چيو ته م??ڪ جي بنيادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي.