اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ اي??رپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سور??نگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان هوابازي واري صلاحڪار اي??ر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران وزيراعظم کي وزارت جي معاملن ۽ حڪومت جي هوابازي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي پاڪستان انٽرنيشنل اي??رلائينز جي نجڪاري ۽ اي??رپورٽ آپريشن جي آئوٽ سور??نگ جي عمل تي اڳڀرائي با??ت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ اي??رپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سور??نگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هوابازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ سرفهرست آهي.