اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ولنگي چيو آهي ته ملڪ جو م??اش?? رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي معاهدي جي حوالي سان معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ??ي سوالن جي جواب ۾ اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ولنگي چيو ته انتظامي طور تي رياست پنهنجي صلاحيت موجب ڪم ڪري رهي آهي هاڻي جڏهن ته اسان چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون ته بنيادي معاملن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جو م??اش?? رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ٻارن دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ صحرائن ۾ پنهنجون جانيون نه ڏين. هن چيو ته ڪرپشن جو مسئلو اڄ جو نه آهي، قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ جن مسلئن طرف ڌيان ڇڪايو انهن ۾ ڪرپشن به شامل آهي هاڻي جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن. هن چيو ته عوام ۾ شعور پيدا ڪريون ته انهن ??ارٽين کي ووٽ ڏيو جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسلام آباد ڪلب وٽ قبضي واري ڪا جڳهه آهي ته اهو معاملو نگران وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويندو. بعد ۾ چيئرمين معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن ??وڪلي ڇڏيو. سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ولنگي چيو ته افغان پناهگيرن جي اسڪولن ۾ مقرر استاد يو ايپ سي آر جا ملازم هئا، پاڪستان حڪومت جا ملازم نه هئا، انهن جو انگ 600 کان وڌيڪ آهي، انهن کي مستقل ڪرڻ جو ڪو پروگرام نه آهي. سينيٽر دنيش ڪمار، سينيٽر مشتاق احمد ۽ بهره مند تنگي جي سوالن جي جواب ۾ اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ولنگي ايوان کي ٻڌايو ته 21 ملڪن سان پاڪستان جي ٻٽي شهريت جا معاهدا آهن، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي معاهدي جي حوالي سان معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.