ڪوئيٽا – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ٽن ڏينهن جي دور?? تي ڪوئيٽا پهچي ويو. ڪوئيٽا ايئرپورٽ اچڻ تي اطلاعات واري ??گران صوبائي وزير جان اچڪزئي ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ عبدالمنان، اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر، ريديو پاڪستان ڪوئيٽا اسٽيشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ڪوئيٽا بيورو جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان قدمن جو تفصيلي جائزو وٺندو. ان موقع?? تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير کي بريفنگ پڻ ڏني ويندي.