اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنگين ۽ تڪرارن جي نتيجي ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام کي روڪڻ ۽ انسانيت کي دنيا جي طاقتورن جي تشدد کان بچائڻ جي لاءِ هڪ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??يندي چيو آهي ته ??المي برادري غزه ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد پا??يسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ دانشورن سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ??قل جي طاقت کي انهن پرتشدد طاقتن تي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي جيڪي انسانيت ۽ انصاف جي روح کي ختم ڪ?? ٿيون. صدر چيو ته ??نيا ۾ مفاد انسانيت تي غالب آهن، جتي ماڻهن کي غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ??نگ ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??نگ جي خاتمي جي خلاف ويٽو جو حق استعمال ڪرڻ لاڳاپيل ملڪن جي اخلاقي معيارن تي سواليه نشانو لڳا??ي ٿو. صدر چيو ته ??زه ۾ اسرائيل پاران فلسطينين جي وڏي پئماني تي قتل عام تي عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته ??ها رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ??سرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جواز ۾ فلسطينين کي وحشياڻي قتل عام جو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ وڏي پئماني تي فوتگين کي گڏيل نقصان قرار ڏئي رهيو آهي. صدر چيو ته ماضي ۾ يورپ ۾ جنگ سا?? ٿيندڙ فوتگين کانپوءِ دنيا امن معاهدي جي لاءِ ۽ بعد ۾ ليڪ آف دي نيشنز ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا معرض وجود ۾ آيا. انهن تڪرارن کي وڌائڻ ۽ جنگين کي روڪڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار جي لاءِ امن قدم کڻڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي زور ??نو. صدر چيو ته ??ڪرارن سان گڏوگڏ دنيا کي ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت، منفي سماجي بيانيي، دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ غيرمطمئن انسانن سان لاڳاپيل ڪيترائي خطرا درپيش آهن. هن چيو ته ??نهن چئلينجن جي حقيقت پسنداڻي حل جي لاءِ عالمي تعاون جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ قابل عمل نظامن کي اختيار ڪرڻ ۽ اخلاقيات کي نقطه نظر ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد پا??يسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي صدر ڊاڪٽر رضا محمد ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ??نيا قدرتي ۽ انساني آفتن جي ور ??ڙهيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته ??نسانيت کي لاحق خطرن کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪيو وڃي. هن تڪرارن جي حل، معيشت ۽ موسمياتي تبديلين تي عالمي ڌيان جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل جي وحشياڻي ڪاررواين جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.