بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، اقتصادي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ??يو آهي. اهو اتفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي نگران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چين ??اڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، تعليم جي شعبي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي صلاحيت جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي ??ي ڪري پوري دنيا جي لاءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چين تعاون ۽ معاشي رابطن جي فروغ جي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه جي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي تعمير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، روزگار جي فراهمي جا منصوبا، معدنيات، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ترقي شامل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي روانگي و??پا?? ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪ چين ??اڳاپن جي فروغ ۽ چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه جي تعميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ??يو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??پا?? ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزيراعظم چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن شعبن ۾ ڪامرس، مواصلات (ايم ايل ون)، غذائي تحفظ ۽ تحقيق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي تعاون، پائيدار شهري ترقي، صنعتي تعاون، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، معدنيات جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ويڪسين ??اهڻ جا شعبا شامل آهن.