اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني سڀاڻي اربع ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي 18 آڪٽوبر تي جده سعودي عرب ۾ ??نع??د ٿيندڙ او آءِ سي ??ي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. اهو اجلاس اسلامي تعاون تنظيم غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ طلب ڪيو آهي. جليل عباس جيلاني وزارتي اجلاس ۾ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پاڪستان جا شديد خدشا پيش ڪندو. نگران پرڏ??هي وزير اجلاس ۾ جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي امداد جي فراهمي جي فوري ضرورت تي زور ڏيندو. ان موقعي تي نگران پرڏ??هي وزير او آءِ سي ??ي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان پڻ مل??قا?? ڪندو.