اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وزارت اچڻ تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي ج?? آجيان ڪئي. ٻنهي نگران وزيرن تازن بم ڌماڪن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سا?? نگران حڪومت جي اليڪشن ڪم??شن سان مدد بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران وفاقي وزيرن چيو ته ??لڪ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي آئي??ي ذميواري ۾ اليڪشن ڪم??شن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جو فرض ??لڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪم??شن جي مدد ڪرڻ آهي.