اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏ??ڻو پوندو. صدر باباءِ قوم قائداعظم جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏ??نهن پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن ??وجب هڪ جديد ا??لامي فلاحي رياست بڻائڻ جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم امن، برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏ??نهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائداعظم جي دورانديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان ح??صل ڪيو، قائداعظم ڀرپور انداز ۾ هنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قائداعظم جي ٻڌايل سنهري اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن ??وجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي جي پڻ دعا ڪئي.