اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽ??فڪ??شن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ا??ڙي قسم جي جعلي نوٽ??فڪ??شن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بظاهر فنانس ڊويزن جي انٽرنل فنانس ونگ جي (جعلي) نوٽ??فڪ??شن جي ڪاپي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو نوٽ??فڪ??شن جعلي آهي، ا??ڙي قسم جي جعلي نوٽ??فڪ??شن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽ??فڪ??شن کي جعلي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اطلاعات واري وزارت چيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر اها قوم جي توهين به آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آهي ته اهو ا??ڙي قسم جي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.