اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي ??سپيشل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي ??سپيشل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي ??موليت وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي ??وڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ ??ي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل اولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي ??سپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي ??ڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي ??سپيشل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.