اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل م??لي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ان موقعي تي صدر آڊٽ عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته آڊٽ عمل ۾ بهتري سان ملڪ ۾ بهتر گورننس، شفافيت ۽ احتساب جي فروغ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ايوان صدر ۾ صدر کي م??لي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ م??لي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته آڊيٽر جنرل ملڪ ۾ آڊٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدم کڻي. هن چي?? ته آڊيٽر جنرل اداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل حڪومت کي بهتر گورننس جي فروغ ۾ ڀرپور مدد فر??هم ڪري. صدر چي?? ته بهتر اندروني ڪنٽرول، ٽيڪنالاجي، آٽوميشن ۽ عالمي معيار موجب آڊٽ جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.