اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته پاڪستان سياحن جي ??اء?? هڪ بي مثال ملڪ آهي، اي پورٽل سڄي دنيا مان سياحن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ بي شمار سياحتي ماڳ آهن ۽ خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن جا قدرتي منظر بي مثال آهن، پاڪستان قدرتي وسيل?? سان مالامال ملڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ”سلام پاڪستان“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي ??اء?? وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلامي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سياحت جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت منظر?? سان نوازيو آهي، خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن ۾ سياحتي ماڳن کي سياحت جي فروغ ??اء?? استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عون چوڌري جي سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان جي ??اء?? قابل قدر خدمتون آهن. وزيراعظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترقي ??اء?? سلام پاڪستان برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.