اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور (سڀاڻي) اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندو. روسي وفد ج?? قيادت نائب پرڏيهي وزير اينڊري روڊينڪو ڪندو جيڪو 20 ۽ 21 جون ??ي اسلام آباد جو دورو ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر ??سد مجيد خان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد ج?? قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن جي نشاندهي ڪنديون ۽ ا??م علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ ا??هام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻئي ملڪ هن سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.