ڪراچي – 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سامونڊي طوفان بائپرجوائي جي نقصا?? جي خدشي سبب امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن مان ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي، ڪراچي ۾ ماڻھو سمنڊ ڪناري جو رُخ نه ڪن ۽ حڪومتي ادار?? جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ سھڪار ڪن. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين ??ان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنھن به ايمرجنسي جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 موجود آھي، پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينون گھرايون ويون آھن، (اڄ) جمعي تي تيز مينھ?? جي اڳڪٿي آھي، ھنگامي صورتحال ۾ عوام لاءِ ايمرجنسي نمبر جاري ڪيا ويا آھن. ھن چيو ته ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي علائقن مان 78 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي، 93 سيڪڙو آبادي محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي چُڪي آھي، سامونڊي علائقن ۾ پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي چُڪو آھي، حڪومت جي وقت سِر انتظامن سبب ڪوبه وڏو نقصان ناهي ٿيو، ٺٽي ضلعي ۾ ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي. ھن شھرين کي گذارش ڪئي ته ماڻھو ڪراچي جي سمنڊ ڏانھن رُخ نه ڪن ۽ حڪومت ??ان سھڪار ڪن. ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ جي حوالي ??ان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻھو نفرت جي سياست کي دفنائڻ وڃي رھيا آھن، جماعت اسلامي جھڙي فاشسٽ پارٽي شاگرد?? جي ھٿن ۾ ھٿيار ڏنا، جماعت اسلامي چاھي پئي ته پيپلز پارٽي کين پي ٽي آءِ جا ووٽ ڏياري، جمھوري روايتن موجب ا??ان رڳو پنھنجي لاءِ ووٽ گھري سگھون ٿا، ڪنھن ٻئي لاءِ نه، پي ٽي آءِ جا ماڻھو پنھنجن گھرن ۾ موجود آھ?? جيڪڏھن اُھي ووٽ نه ٿا ڏين ته ا??ان ڇا ٿا ڪري سگھون. ا??ان ڪراچي کي وڏيون وڏيون رٿائون ڏنيون، اھوئي سبب آھي ته ماڻھو پيپلز پارٽي کي چاھين ٿا، جماعت اسلامي ٻڌائي ته هن?? ڪراچي کي ڇا ڏنو آھي.؟ ھن چيو ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ وارا ا??ان جي ڳالھه ٻڌن ھا ته ا??ان کي ووٽ ڏين ھا، حافظ نعيم جي لاءِ ڪيئن ووٽ گھرون، ھُو سمجھي ٿو ته جيڪڏھن ڪنھن حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏنو ته اُن کي روڪيو ويو ھوندو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته جماعت اسلامي کي شڪست ٿي چُڪي آھي، مرتضيٰ وھاب کٽي چُڪو آھي، جماعت اسلامي جيڪڏھن غنڊا گردي ڪندي ته ڪنھن کي به قانون ھٿن ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو، پرامن احتجاج قانو?? جي دائري ۾ رھي ڪيو وڃي، ڪنھن ڀڃ ڊاھه ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ حڪومت ڪنھن کي قانون ھٿن ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي. ڪراچي جي ميئر طور مرتضيٰ وھاب جي چونڊ جي خبر بعد سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ??ان گڏ ميڊيا ??ان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته جيڪو کٽڻ وارو ھوندو آھي ، اُھو ڪڏھن به ناھي وڙھندو، جماعت جي طرفان بسون ڀري غنڊا گھرايا ويا، گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو، 10 ماڻھو زخمي ٿيا. ھن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين پرامن سياست ڪئي آھي، پيپلز پارٽي ڪڏھن به ڪنھن تعصب پرستي جو مظاھرو ناھي ڪيو، پر جماعت اسلامي جيڪو ڪجھ ڪيو آھي اھو مذمت جوڳو عمل آھي. ھن چيو ته ڪنھن به گڙٻڙ يا غنڊا گڙدي جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، پي ٽي آءِ وارن جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏنو ته پيپلز پارٽي کي به نه ڏنو، ھڪ ڳالھه بلڪل چٽي آھي ته مڪاني چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي شڪست ٿي آھي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين اڄ ڪلھه چِلو ڪاٽي رھيو آھي، ھن ماڻھ?? جي ذھنن ??ان راند ڪئي، ماڻھن ??ان غلط ڳالھيون ڪيون ۽ ڪوڙ ڳالھايو، اڄ اُن شخص جي ڪري ماڻھو جيلن ۾ پيا آھن. ھن چيو ته ا??ان کي جيل ۾ ق??د ماڻھن ??ان ھمدردي آھي، ڪوبه دھشتگرد پيدا ناھي ٿيندو اُن کي ??مر??ھ ڪري اُن دڳ تي آندو ويندو آھي.