اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آءِ ٽي واري وزارت جي پهرين کان جاري ترقياتي منصوبي ٽيڪنالاجي پارڪ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ 54 ڪروڙ رپيا رکيا آهن. ان منصوبي جي منظور ٿيل خرچن جو ڪاٿو 13 ارب 72 ڪروڙ 70 لک 70 هز??ر رپيا لڳايو ويو. ان منصو??ي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ 11 ارب 79 ڪروڙ 76 لک 34 هز??ر رپين جا پرڏيهي فن??ز پڻ خرچ ٿيندا.