??سل??م آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ت?? سوڊان مان هڪ هزار پاڪستانين ??و خرطوم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اڻٿڪ ڪوششن سان حفاظت سان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ت?? سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي قيادت ۾ پاڪستانين ??ي انخلا جي عمل کي سعودي عرب ۽ چين ??ي مدد سان جد?? ۽ ??سل??م آباد ۾ اسان جي ٽيمن جو تعاون حاصل رهيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان ڪاميابي سان حفاظت سان هڪ هزار پاڪستانين ??و سوڊان مان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ان سان گڏ ئي سوڊان مان اسان جي انخلا جون ڪارروايون ختم ٿي ويون آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ت?? آخري پاڪستاني جي حفاظت سان واپسي تائين ??ده رستي انخلا جو عمل جاري رهندو.